راند

پاڪستاني جبل چاڙهو دنيا جي سڀ کان اوچي چوٽي سَر ڪري روتي

May 24, 2026

پاڪستاني جبل چاڙهو سلمان عتيق دنيا جي سڀ کان اوچي چوٽي، مائونٽ ايورسٽ، کي سر ڪري ورتو.
سلمان عتيق اڄ صبح 11 وڳي 49 منٽ تي ايورسٽ جي چوٽي تي پهچي ويو، اسلام آباد سان تعلق رکندڙ سلمان عتيق ايورسٽ سر ڪرڻ وارو 14 هون پاڪستاني بڻجي ويو.
نيپال ۾ واقع ماونٽ ايورسٽ جي اوچائي 8848 ميٽر آهي، جڏهن ته سلمان عتيق گذريل سال نيپال ۾ ماسلو جي چوٽي به سر ڪري چڪو آهي.