Author: admin

ادب

ادب، ٻولي ۽ سماج: نئين دور جا چئلينج

اڄ جو دور تيزيءَ سان بدلجندڙ ٽيڪنالاجي، گلوبلائيزيشن ۽ سماجي ميڊيا جو دور آهي، جتي ادب، ٻولي ۽ سماج پاڻ ۾ گهرو لاڳاپو رکندي به نون چئلينجن کي منهن ڏئي رهيا آهن. خاص طور تي سنڌي سماج ۾، جتي ٻولي ۽ ادب صدين کان سڃاڻپ جو بنياد رهيا آهن، اتي جديد دور جون تبديليون هڪ طرف موقعا پيدا ڪن ٿيون ته ٻي طرف خطرا پڻ جنم وٺن ٿا.

May 24, 2026
ثقافت

ثقافتي ڏهاڙي تي نوجوان کي اڻوڻندڙ لفظ چوندڙ شخص معافي وٺي ڇڏي

ڪراچي ۾ شاهراهه فيصل تي ثقافتي ريلي جي رستا روڪ بعد پوليس طرفان نوجوانن مٿان تشدد دوران سنڌي نوجوان کي گاريون ڏيندڙ شخص وڊيو بيان ۾ سنڌي قوم کان معافي وٺي ڇڏي، سينيئر صحافي ۽ سياسي سماجي ڪارڪن مشتاق سرڪي پاران جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ مقصود نالي شخص وڊيو بيان ۾ چيو ته مان سمورن سنڌين کان سنڌي نوجوان کي گاريون ڏيڻ تي معافي وٺان ٿو،

May 24, 2026
راند

پاڪستاني جبل چاڙهو دنيا جي سڀ کان اوچي چوٽي سَر ڪري روتي

پاڪستاني جبل چاڙهو سلمان عتيق دنيا جي سڀ کان اوچي چوٽي، مائونٽ ايورسٽ، کي سر ڪري ورتو. سلمان عتيق اڄ صبح 11 وڳي 49 منٽ تي ايورسٽ جي چوٽي تي پهچي ويو، اسلام آباد سان تعلق رکندڙ سلمان عتيق ايورسٽ سر ڪرڻ وارو 14 هون پاڪستاني بڻجي ويو.

May 24, 2026
ادب

دردَ لکندڙ شاعر مُبين اُڄڻ جي دانهن

مبين اُڄڻ هڪ اهڙو انسان آهي، جيڪو رُڳو نالو ناهي، پر دردن، جدوجهدن، لفظن ۽ مزاحمتن جي زندهه تاريخ آهي. جنهن پَنهنجي سَڄي زندگي قلم کي هٿيار بڻايو، ڪتابن کي ساٿي بڻايو، ۽ شعور جي ڏيئن سان سماج جي اونداهين کي چيرڻ جي ڪوشش ڪئي. جيڪو ھڪ شاعر آهي، ھڪ اديب آهي ۽ جاکوڙي ڪردار به آهي، پاڻ سنڌي ادبي سنگت کهڙا شاخ جهڙي فڪري واٽ جو بُنياد وجهندڙ به آهي. ويهن کان وڌيڪَ ڪتابن جو مرتب، جنهن جي لفظن ۾ ڌرتيءَ جي خوشبو، انسانيت جو درد ۽ سچ جي تپش سمايل آهي. سندس نثري نظم جو ڪتاب به ڇپيل آهي جيڪو صرف ڪتاب ناهي، پر زخمي دلين جي ترجماني آهي. پر هِن بي حس سماج ۽ ناانصاف نظام کي شايد قلم سان محبت ڪندڙ ماڻهو ڪڏهن به قبول ناهن رهيا.

May 24, 2026
راءِ

مهنگائيءَ جي ماريل سرڪاري ملازمن سان بجيٽ ۾انصاف ٿيندو…؟

اها پوري ملڪ کي خبر هوندي ته بجيٽ جو انظار ڀلي ڪو ڪري نه ڪري پر سرڪاري ملازمن جو پورو ڌيان بجيٽ ڏانهن هوندو آهي، ڇو جو بجيٽ سرڪاري ملازم اهو آسرو هوندي آهي، جنهن مان سرڪاري ملازمن کي اميدون هونديون آهن ته ٿي سگهي ٿو هن بجيٽ ۾ ڪا اهڙي پگهارن ۾ واڌ وري خبر انهن کي ملي پوي جنهن مان هو ان مهنگائيءَ جي باهه سان منهن ڏئي سگهن

May 24, 2026
سياست

شاهراھ ڀُٽو جو افتتاح: سنڌ جيتري جمهوريت ڪنهن ٻئي صوبي ۾ ناهي: بلاول

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اڄ جيتري جمهوريت سنڌ ۾ آهي، اوتري ڪنهن ٻئي صوبي ۾ ناهي، ۽ جيتري جمهوريت ڪراچي ۾ آهي، اوتري ڪنهن ٻئي شهر ۾ ناهي. بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي ۾ شاهراهه ڀٽو جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته مان سياست ۾ ان لاءِ آيو آهيان ته شهيد بينظير ڀٽو جا اڌورا خواب پورا ڪريان، شهيد بينظير کي ٽيون ڀيرو وزيراعظم بڻجڻو هو، پر کيس شهيد ڪيو ويو.

May 24, 2026
خاص رپورٽ

28 هين ترميم جو حامي ناهيان، ملڪ مان انسانيت ختم ٿي رھي آھي:جونيئر ذوالفقار

جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو چيو آهي ته مان سمجهان ٿو ته 28هين ترميم نٿي ٺهي، جيڪي ڪراچي کان ٻاهر نٿا نڪرن، اهي سمجهن ٿا ته سنڌ ۾ مسئلا صرف ڪراچي ۾ آهن، لاڙڪاڻو، دادو ۽ ٻين ضلعن ۾ ترقياتي ڪم نه پيا ٿين، سنڌ جي بهتري لاءِ جيڪو به ڪم ڪندو مان ان سان گڏ آهيان، دادو جي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال جو دورو ڪندي جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو ايڇ آءِ وي ۽ ايڊز جي خاتمي بابت جاري آگاهي مهم جي سلسلي ۾ ايڇ آءِ وي وارڊ جو خصوصي معائنو ڪيو

May 24, 2026
خاص رپورٽ

سنڌ ۾ هيٽ ويو الرٽ جاري، پارو 50 تائين وڃڻ جو امڪان، شهرين کي غير ضروري طور گهران نه نڪرڻ جو مشورو

موسميات کاتي سنڌ ۾ هيٽ ويو جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته آهي ته 25 مئي کان 31 مئي تائين گرمي پد معمول کان 6 درجا سينٽي گريڊ تائين وڌي سگهي ٿو. موسميات کاتي موجب، سنڌ جي اندروني ضلعن ۾ گرمي پد 50 درجا سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو امڪان آهي.

May 24, 2026
سياست

ملڪ ۾ 1153 عدالتون غير فعال آهن: جسٽس اينڊ لا ڪميشن

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)لا اينڊ جسٽس ڪميشن سڄي ملڪ ۾ ماتحت عدليه جي حوالي سان انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. دستاويزن موجب ملڪ جي ضلعي عدليه ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جو انگ 20 لک کان وڌي ويو آهي. دستاويز ۾ اهو پڻ ظاهر ڪيو ويو آهي ته سڄي ملڪ جي ضلعي عدليه ۾ 1153 عدالتون جج جي غير مقرري سبب غير فعال آهن. پنجاب ۾ 808، سنڌ ۾ 89،

May 24, 2026
تعليم

نوجوانن کي تعليم ،هنر، روزگار ۽ ڪاروبار جا بهتر موقعا ڏيڻ چاهيون ٿا: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، هنر، روزگار ۽ ڪاروبار جا بهتر موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم يوٿ پروگرام جي جاري منصوبن تي اڳڀرائي ۽ ايندڙ سال لاءِ نون منصوبن جي تجويزن بابت جائزي اجلاس ٿيو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي شهباز شريف جو چوڻ هو ته حڪومت نوجوانن کي تعليم، هنر، روزگار ۽ ڪاروبار جا بهتر موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، نوجوانن کي آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن ۾ عالمي معيار جي تعليم ۽ تربيت فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته هائر ايجوڪيشن ڪميشن ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت يونيورسٽين ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي تعليم کي عالمي گهرجن پٽاندڙ بڻائڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي پيش ڪن، وزيراعظم يوٿ پروگرام نوجوانن جي ٽيڪنيڪي ۽ فني تربيت تي ڌيان ڏئي جنهن سان نوجوانن لاءِ ملڪ ۽ ٻاهرئين ملڪ روزگار جا يقيني موقعا پيدا ٿين.وزيراعظم نوجوانن کي ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ مختلف آسان قرض اسڪيمن کي هڪ ئي پليٽ فارم تي آڻڻ، گهٽ آمدني ۽ وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ نوجوانن کي اليڪٽرڪ موٽر بائڪن جي فراهمي لاءِ يوٿ پروگرام کي وزارت صنعت سان سهڪار جي هدايت ڪئي.

May 24, 2026